علي محمد ساغر سيوهاڻي

علي محمد ساغر سيوهاڻي : علي محمد ’ساغر‘ سيوهاڻي، سيوهڻ جي قريشي خاندان مان هڪ غريب ۽ محنتي انسان هو. ڪباب ۽ جيرن جو ڪم ڪري پيٽ پاليندو هو، ان ڪري علي محمد ’ڪبابي‘ جي نالي سان به مشهور هو. پنهنجي دور جو سٺو شاعر هو، غربت هوندي به سيوهڻ يا ان کان ٻاهر منعقد ٿيندڙ محفلن ۽ مشاعرن ۾ شعر پڙهي داد حاصل ڪندو هو. اڪثر پنهنجي شعر جي اصلاح حڪيم مخدوم محمد مراد صديقيءَ کان وٺندو هو. سندس همعصر شاعرن ۾ محمد احسن چنا، سيد فيروز شاهه سيوهاڻي، سيد غلام مصطفى شاهه لڪياري، محمد اشرف منصور، پروفيسر محبوب علي چنا، استاد بخاري ۽ الله نواز رڪڻائي مشهور هئا. علي محمد ساغر سيوهاڻيءَ، 1973ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو